پٽ تي ڊگھا ٽپا ڏيڻ

پٽ تي ڊگھا ٽپا ڏيڻ: هن راند جو نمونو ساڳيو اڀن ٽپن ڏيڻ وارو آهي. فرق صرف هيءُ آهي جو اڀن ٽپن لاءِ اوچائيءَ تي نوڙيون جھلبيون آهن ۽ هن ۾ وري مقرر ليڪ کان اڳتي ٽپي ڏيڻ لاءِ چئبو آهي، پوءِ هر هڪ رانديگر ٽپا ڏيندو ويندو ۽ سندس ٽپ جو مفاصلو ماپيو ويندو آهي. آخر ۾ اهو رانديگر هن راند جو کٽندڙ ليکبو آهي، جنهن جو ٽپو سڀني ۾ وڌيڪ ڪشادو هوندو آهي، هن راند ۾ بعضي کليل پيرن سان ٽپا ڏبا آهن ۽ بعضي ٻڌا ٽپا ڏبا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو